صبغت الله انڍڙ ڊاڪٽر

صبغت الله انڍڙ ڊاڪٽر: ڊاڪٽر صبغت الله انڍڙ تعلقي پني عاقل ڳوٺ ابراهيم انڍڙ ۾ پهرين فيبروري 1952ع تي ڄائو. ڊاڪٽر صبغت الله انٽر کان ايل. ايل. بي تائين خانگي طور امتحان ڏنا. ان کان سواءِ اسلامڪ ڪلچر ۾ ايم. اي به ڪئي آهي. هن 1994ع ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي. سندس پي. ايڇ. ڊي مقالي جو عنوان ’شيخ حماد الله‘ ڪامل روحاني ۽ مذهبي رهنما‘ هو. ڊاڪٽر صبغت الله 1979ع ۾ ايئرفورس ۾ شامل ٿيو ۽ 1995ع ۾ وارنٽ آفيسر طور رٽائر ٿيو. سندس مضمون ۽ مقالا سنڌ جي ڪيترن ئي رسالن ۾ ڇپبا رهيا آهن. هي ماهوار رسالي ’سائنسي ڄاڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو. النور ايڊيوڪيشن فائونڊيشن جو چيئرمئن ۽ سکر هسٽاريڪل سوسائٽي جو باني ميمبر پڻ آهي، سندس هڪ ڪتاب ’ڏٺي ڏينهن ٿيا‘ڇپيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

01.02.1952  عيسوي

ڊاڪٽر صبغت الله انڍڙ تعلقي پني عاقل ڳوٺ ابراهيم انڍڙ ۾ پهرين فيبروري 1952ع تي ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪمار شاهاڻي
حافظ محمد موسيٰ ڀٽو
تسنيم يعقوب
شيخ محمد حاجن پروفيسر
عزيز مصر
ٿيوڊر روز ويلٽ
بخاري جمال الدين
حاتم علوي
دين محمد ڪنڀار
ٻوڌراج ٻوڌ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون